لاهور (ماريه لاریب وٽان) چڪوال جي هڪ خاندان وٽ گذريل ٻن سالن کان گهر ۾ ڪم ڪندڙ 17 سالن جي ڇوڪريءَ جي وارثن کي اها اجازت حاصل نه آهي ته اهي ساڻس ملاقات ڪري سگھن توڙي جو اها پڻ حقيقت آهي ته اها ڇوڪري جنهن گھر ۾ ملازمت ڪري ٿي، ان گھر جا مالڪ کيس تذليل ۽ تشدد جو نشانو بنائي چڪا آهن ۽ اهڙي ڳالهه کي راز ۾ رکڻ لاءِ ڇوڪريءَ جي ڀاءُ کي نقد پيسا ادا ڪيا ويا.
سعديه (هي حقيقي نالو نه آهي) جي ماءُ نسيم بي بيءَ پاران ڳوڙها ڳاڙيندي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو آهي ته ”مون پنهنجي ڌيءُ کي چڪوال ڇانوڻيءَ جي حدن اندر واقع هڪ گھر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اماڻيو هيو ۽ ابتدائي 6 مهينن دوران اسان هن سان ملاقات لاءِ جيڪي به عرض ڪياسين اهي گھرمالڪياڻيءَ جنهن جو نالو رخشنده آهي، پاران رد ڪيا ويا. 8 مهينن کانپوءِ منهنجو مڙس ۽ پٽ سعديه سان ملڻ لاءِ ويا ته هن کي ان حالت ۾ ڏٺائون ته سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ۽ سندس مٿي جا وار ڪُوڙيل هيا ۽ سندس نرڙ تي زخمن جا نشان ۽ سندس هڪ ٻانهن تي هڏي جوڙڻ وارو پلستر چنبڙيل هيو“.
سعديه جي ماءُ نسيم بي بيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ان صورتحال کان ڪجهه وقت پوءِ سندس پٽ پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏجي ڀيڻ کي واپس وٺڻ لاءِ ويو ته گھر جي بااثر مالڪ پاران کيس جيل ۾ بند ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جڏهن ته گھر مالڪ پاران کيس ان شرط تي پيسا به ڏنا ويا ته هو خاموش رهندو ۽ اهڙي ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪندو ۽ ٻيهر ان گھر ڏانهن نه ويندو جتي سندس ڀيڻ ڪم ڪري ٿي.
نسيم بي بيءَ ڪاوڙ واري لهجي ۾ وڌيڪ چيو ته سندس پٽ ڪڏهن به ناهي ٻڌايو ته خاموش رهڻ ۽ پنهنجي ڀيڻ جي زندگي وِڪرو ڪرڻ عيوض کيس ڪيترا پيسا ڏنا ويا، هن اسان کي بس ايترو چيو ته ڪنهن سان به سعديه سان ٿيندڙ سلوڪ بابت ذڪر نه ڪيون ٻي صورت ۾ اسان هميشهه لاءِ هن کان محروم ٿي وينداسين.
ان نوعيت جو هي ڪو هڪڙو ڪيس نه آهي، اهڙي قسم جا سوين ڪيس ٻڌڻ لاءِ ملي سگھن ٿا ته ننڍي عمر جي گھريلو ملازمائن کي جسماني تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ انهن سان ٿيندڙ وارتا ان ڪري منظر عام تي نه ٿي اچي ڇو ته سندن وارثن کي خاموش رهڻ لاءِ جهجها پيسا ڏنا وڃن ٿا.
ٻارن جي حقن جي تحفظ بابت ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري اداري (اسپارڪ) پاران ڪرايل هڪ سروي، جيڪا وفاقي ۽ صوبائي گاديءَ وارن شهرن ۾ ڪرائي وئي، ان سروي جي نتيجن ۾ هِن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته پنجاب جي لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي شهرن ۾ گھريلو ملازمائن مٿان ٿيندڙ تشدد جي شرح تمام گھڻي آهي. انهن ملازمائن مان 62 سيڪڙو ٻالڪپڻ جي عمر واريون آهن.
گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن متعلق اداري (يو اين او ڊي سي) پاران ڪيل هڪ ٻئي سروي ۾ به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته انهن ملازمائن مٿان ٿيندڙ تشدد جا اڪثر واقعا منظرعام تي اچڻ نه ٿا ڏنا وڃن. گڏيل قومن جي اداري پاران ڪرايل سروي مان معلوم ٿئي ٿو ته گھرن ۾ ڪم ڪندڙ 72 سيڪڙو ڇوڪرين جو سندن وارثن سان به رابطو ٿيڻ ناهي ڏنو ويندو جڏهن ته 10 سيڪڙو ٻارن کي اها به خبر ناهي هوندي ته سندن والدين ڪٿي رهندا آهن.
ٻارن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ بابت پنجاب حڪومت جي کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندڙ فياض بٽ پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته ننڍي عمر وارين گھريلو ملازمائن تي تشدد ڪندڙ گھرمالڪن پاران تشدد بعد خاموش رهڻ لاءِ ٻارن جي وارثن کي پيسن ڏيڻ جو رواج پنجاب جي شهرن ۾ هڪ عام ڳالهه آهي.
پِيس ڪائونسل پاڪستان جي چيئرپرسن ۽ وڪيل شبنم ناجيءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 2015 ۾ 8 کان 14 سالن جي عمر وارين ملازمائن بابت 20 ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ پاران اڪلايا ويا آهن. اهي ڪيس انهن ننڍيءَ عمر وارين ملازمائن پاران داخل ڪرايا ويا جن کي گرم لوهي سيخن يا لٺين سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو يا جسماني طور سندن تذليل ڪئي وئي.
شبنم ناجيءَ ٻڌايو ته سامهون آيل 13 ڪيسن ۾ ائين ٿيو ته ڇوڪرين کي اهو چئي سندن والدين جي گھرن وٽ اڇلايو ويو ته ڇوڪري ڪم ڪرڻ دوران حادثاتي طور تي زخمي ٿي پئي آهي، جڏهن ته باقي 7 ڪيسن ۾ نابالغ ملازمائن مٿان چوريءَ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو. جڏهن ته انهن 20 ڪيسن کان علاوه 16 ٻيا ڪيس به سامهون آيا پر اهي ڪيس ڇوڪرين جي والدين پاران بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد تشدد ڪندڙن کان پيسا وٺي ڪيس تان هٿ کڻي ويا. شبنم ناجيءَ جو چوڻ آهي ته هوءَ اڄڪلهه ساهيوال، فيصل آباد ۽ ملتان سان تعلق رکندڙ ننڍي ڄمار وارين 3 ملازمائن جا ڪيس پٽيشنر جي حيثيت ۾ وڙهي رهي آهي.
پنجاب جي قانون واري کاتي سان لاڳاپيل هڪ وڏي آفيسر پاران نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته 2015 ۾ 4 اهڙا ڪيس به سامهون آيا جن ۾ ننڍي ڄمار وارين ملازمائن کي بيرحماڻي انداز سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو هيو. بيرحماڻي تشدد سبب کين اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرائڻو پيو پر مٿن تشدد وارا ڪيس سندن وارثن پاران ان ڪري واپس ورتا ويا جو تشدد ۾ ملوث ڌرين پاران ڇوڪرين جي والدين کي خاموش رهڻ لاءِ پيسا ادا ڪيا ويا.
ٻارن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ پنجاب حڪومت جي اداري (سي پي ڊبليو بي) پاران 2015 دوران ننڍي عمر وارين 12 ملازمائن جي تشدد مان جند آجي ڪرائي وئي، جڏهن ته 2005 کان وٺي جنوري 2016 تائين پنجاب حڪومت جي ان بيورو پاران ننڍي عمر وارين 2610 ملازم ڇوڪرين کي جبري مشقت مان آزادي ڏياري وئي جن جي اڪثريت لاهور جي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ هئي.
انهن کان علاوه پنجاب جي 6 ضلعن لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد، ملتان، راولپنڊي ۽ سيالڪوٽ مان 142 اهڙين نابالغ ۽ بي پهچ ڇوڪرين جي داد رسي ڪئي وئي جيڪي ننڍي عمر واريون گھرن ۾ ڪم ڪندڙ نوڪراڻيون هيون.
هڪ گھر ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڪيترائي ڀيرا تشدد ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيل نازيه نالي گھريلو ملازمه پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته باجي (گھرمالڪياڻي) منهنجي سڄي جسم خاص ڪري مٿي، ڪنڌ، ڇاتيءَ ۽ ٻانهن تي ڏاڍا ڌڪ هڻندي هئي.
آڊيو پليئر
آواز وڌائڻ يا گھٽائڻ لاءِ هيٺ يا مٿي ڪرڻ وارن بٽڻن کي دٻايو
هن اهو پڻ ٻڌايو ته سڄي جسم تي ڌڪ لڳڻ سبب ايڏو سور ٿيندو هيو جو مان ڪم ڪرڻ جي لائق به نه رهندي هيس ۽ ڪم نه ڪرڻ جي ڪري باجي وري به مونکي ماريندي هئي، هوءَ مونکي هر دفعي هڪ ڪمري ۾ ٻڌي لڪڻ سان ايترو ته ماريندي هئي جو منهنجا هڏگڏ ڀڄي پوندا هئا.
ان ڇوڪريءَ جو چوڻ آهي ته “هڪ ڏينهن مان نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ پيل هيس ته پنجاب حڪومت جي ٻارن جي تحفظ واري بيورو جي هڪ عورت ۽ ٽن محافظن اچي کيس بازياب ڪرايو.
نازيه پنهنجي سيني تي چنبڙيل پلستر ڏيکاريو جڏهن ته سندس مٿي جا وار به پٽيل هئا. ان کانسواءِ سندس نِرڙ تي تازي زخم جو نيرو نشان به نظر اچي رهيو هيو. جڏهن ته هن جي ڀڳل ٺوٺ به پٽين ۾ ويڙهيل هئي.
ٻارن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ واري پنجاب حڪومت جي بيورو جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪول جي پرنسپل ۽ ٻارن جي نفسيات جي ماهر فائقه ٻڌايو ته تشدد جو شڪار ٿيل هن ڇوڪريءَ کي لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ بازياب ڪرايو ويو آهي. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هن ڇوڪريءَ جو وڌيڪ علاج ٻارن جي تحفظ واري بيورو جي انتظام هلندڙ اسپتال مان ڪرايو پيو وڃي.
ڇوڪرين جي تحفظ واري اداري (سي پي آءِ) جي مئنيجر نازيه زيب پاران تشدد جو شڪار ٿيل ڇوڪريءَ نازيه جي ذهني صحت متعلق خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو ته هوءَ اڪثر خوف ۽ ذهني اذيت ۾مبتلا رهي ٿي. هوءَ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻين ڇوڪرين سان رلي ملي نه ٿي، جيڪو سٺو سنوڻ نه آهي.
نازيه جي پيءُ شوڪت عليءَ سان ملڻ بعد نيوز لينز پاڪستان کي پتو پيو ته هن پنهنجي ڌيءُ هڪ اهڙي شخص جي ملازمت ۾ ڏني جنهن کي هو صحيح طرح سان سڃاڻندو به نه هيو.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شوڪت عليءَ ٻڌايو ته جڏهن ڌيءُ کي گھر ۾ ڪم لاءِ اماڻيم ته ان بعد پهريان وارن 4 مهينن ۾ مون ڪوشش ڪئي ته هن سان ملاقات ڪيان پر کيس ملازمت ۾ رکندڙ پاران ان جڳهه جو ڏس پتو ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪيو ويو جتي هوءَ ڪم ڪندي هئي، جڏهن ته پنهنجيءَ ڌيءَ سان ڳالهائڻ لاءِ مون جيترا ڀيرا ٽيليفون وسيلي رابطو ڪيو ته مونکي هن سان ڳالهرايو به نه ويو، جنهن بعد ڌيءُ کي ڳولڻ لاءِ مون جڙانواله سان تعلق رکندڙ هڪ زميندار کان ڏيڍ لک روپيا قرض ورتو.
آڊيو پليئر
آواز وڌائڻ يا گھٽائڻ لاءِ هيٺ يا مٿي ڪرڻ وارن بٽڻن کي دٻايو
شوڪت عليءَ سُڏڪا ڀريندي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ ٻارن جي تحفظ واري بيورو وٽان نازيه جي بازيابيءَ متعلق رابطو ٿيڻ کان اڳ، اسان هن جي ڏس پتي ملڻ جي سلسلي ۾ مڪمل نااميد ٿي چڪا هياسين. هن پنهنجي مڪمل بيوسيءَ جو کليل لفظن ۾ اظهار ڪندي چيو ته “مان چاهيان ٿو ته منهنجي ڌيءُ ٻارن جي تحفظ واري بيورو جي هاسٽل ۾ زندگي گذاري ڇو ته مان پنهنجي 6 ڌيئرن ۽ 1 پٽ جي جياپي جا خرچ ڀري سگھڻ جي قابل نه آهيان”. جڏهن ته ٻئي پاسي نازيه جلد کان جلد پنهنجي گھر وڃي ماءُ سان ملڻ چاهي ٿي، ڇو ته هن کي پنهنجي ماءُ، ڀينرن توڙي ڀاءُ جي ياد گھڻو ستائي ٿي.
6 سالن جي هڪ ٻي ٻارڙي، جنهن جو نالو مقدس آهي، ان کي ٻارن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ واري بيورو پاران لاهور جي اقبال ٽائون ۾ واقع هڪ گھر مان بازياب ڪرايو ويو آهي. اها معصوم ڇوڪري اوڪاڙه شهر ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ ”ڍولان چوڪ“ جي رهواسي آهي. ٻارن جي تحفظ واري بيورو جي آفيس ۾ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مقدس ٻڌايو ته “آنٽي (گھر مالڪياڻي) هن جي مٿي ۽ منهن تي ڌڪ هڻندي هئي جڏهن ته هن 2 دفعا مونکي تتل سيخن سان ڏنڀ پڻ ڏنا“.
اهي ته ٻه معصوم گھريلو ملازم ڇوڪريون آهن جن کي ٻارن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ واري بيورو جي عملي پاران بازياب ڪرايو ويو پر ساڳي بيوسيءَ ۾ زندگي گذاريندڙ ٻيون هزارين ڇوڪريون پهچ کان ٻاهر آهن. انهن جا خاندان خاموش ويٺل آهن ۽ سندن صدائون قانون ۽ انصاف جي ادارن تائين اڃان ناهن پهچي سگهيون. ننڍي عمر وارين ملازمائن تي تشدد جا سوين ڪيس منظرعام تي آيا آهن پر انهن ڪيسن ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو ويو آهي اهو قانون مطابق ڪو به فيصلو ٿيڻ کان اڳ يا پوءِ عام طور تي ڇوڪرين جا وارث واپس وٺي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري اڻ ڳڻيا ڪيس دٻجي ويندا آهن جيڪي ٻيهر کلي ناهن سگھندا.
تشدد بعد خاموش رهڻ جي قيمت طور ملڻ وارن پيسن بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي ايڊووڪيٽ شبنم ناجيءَ چيو ته اسان ذهني طور تي هاڻي به هڪ جاگيرداراڻي انداز واري زندگي گذاريون پيا، ننڍي عمر وارين ڇوڪرين کي ملازم طور گھر ۾ رکڻ وارو رواج ته پنجاب جي ننڍن شهرن قصور، ملتان، فيصل آباد، سيالڪوٽ ۽ ميانواليءَ ۾ به عام آهي.
هن وڌيڪ چيو ته قانون کان ٻاهر رهندي ٺاهه ڪرڻ وارو نقطو تشدد ڪندڙن لاءِ هميشهه فائدي وارو سودو هوندو آهي، متاثر ٿيندڙ ڇوڪريءَ جي غريب وارثن کي 2 يا 3 لک روپيا ادا ڪري خاموش ڪرائڻ سولو آهي ڇو ته ڪيس جي فيسن ۽ وڪيل کي في ڏيڻ کان علاوه جيڪي مشڪلاتون هنن کي ڏسڻيون پونديون اهي ڇوڪريءَ جي وارثن کي ڏني ويندڙ رقم کان گھڻيون وڌيڪ آهن ڇو ته اهو به پتو ڪنهن کي ناهي هوندو ته پيسا خرچ ڪري جيڪو ڪيس عدالت ۾ وڙهيو ويندو اهو هو کٽندا به يا نه؟
چائلڊ ڪيئر فائونڊيشن آف پاڪستان جي پروگرام مئنيجر طاهر الله نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته گھرن ۾ ڪم ڪندڙ هر 4 معصوم ملازمائن مان 2 قربانيءَ جي اڏيءَ تي چڙهيل هونديون آهن، مٿن جسماني تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ کين ذهني اذيت ڏني ويندي آهي.
هڪ سماجي اداري “فيسز پاڪستان” جي صدر جاويد وليم ان معاملي جو هڪ ٻيو رخ کوليندي چيو ته تشدد جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين مان ٿورڙين جا وارث ئي قانون تي عمل ڪرائيندڙ يا انصاف ڏيندڙ ادارن تائين پهچي سگھندا آهن ڇو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهڻ ۽ ڪيس تي ايندڙ ڳرا خرچ ڀري سگھڻ متاثر خاندان جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي جنهن ڪري خوف ۾ گهيريل اهڙي خاندان لاءِ سندن ڇوڪريءَ تي تشدد ڪرڻ وارن سان صلح ڪري پيسا وٺي خاموش رهڻ ۾ ئي فائدو هوندو آهي.
بحريه يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ڪلينيڪل سائڪالاجيءَ جي ليڪچرار ۽ ٻارن جي نفسيات جي ماهر عامره امجد پاران نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ويو ته گھريلو ملازمه تي تشدد ڪندڙ امير عورتن يا مردن لاءِ قانون جي دائري کان ٻاهر رهندي پيسن جي ڏيتي ليتيءَ عيوض اهڙي مسئلي جو حل ڪڍڻ ان ڪري به ضروري هوندو آهي ته کين فوري طور تي اهو فڪر وڪوڙي ويندو آهي ته سندن بدنامي ٿيندي يا سماجي حلقن مان کين ڌِڪي ڌار ڪيو ويندو.
عامره امجد وهاڙيءَ سان تعلق رکندڙ 16 سالن جي هڪ اهڙيءَ ڇوڪريءَ جي ٿيراپي ڪري رهي آهي جيڪا پڻ تشدد جو شڪار ٿي. هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو رخ سامهون آڻيندي چيو ته تشدد جو شڪار ٿيل ڇوڪريءَ جو خاندان جيئن ته شرمساريءَ ۽ بيعزتيءَ جي اثر ۾ ورتل هوندو آهي، ان ڪري ڇوڪريءَ جا وارث جلدي دٻاوَ ۾ اچي ويندا آهن ۽ فوري طور تي جيڪو دٻاوَ هو قبول ڪري وٺندا آهن اهو پيسن جي لالچ به هوندو آهي. اهو دٻاءُ هو ان ڪري به جلد قبول ڪندا آهن جو پاڻ ئي ان سوچ ۾ رهندا آهن ته هو بي پهچ آهن ۽ بااثر ماڻهن سان سينو ساهڻ جي لائق نه آهن.
لاهور جي ايس ايس پي انويسٽيگيشن حسن مشتاق سُکيرا ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته فارينسڪ طريقن سان ڪنهن به ڪيس جي ڪٿ ۽ جاچ ڪرڻ واري سهولت تائين آسان رسائيءَ سبب پنجاب پوليس جي جاچ ۽ ثبوتن جو پتو لڳائڻ واري ڪارڪردگي ڪافي بهتر ٿي آهي، پر پنجاب پوليس وٽ اهڙو ڪو به طريقو موجود نه آهي جنهن وسيلي اهڙن ڪيسن جو به پتو لڳائي سگھي جن متعلق ڪو به ماڻهو اطلاع نه ڏيندو هجي يا شڪايت درج نه ڪرائي.
هن پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪندي چيو ته اڪثر ڪيسن ۾ تشدد جو شڪار ٿيندڙ ڌر پاران دٻاءَ ۾ اچي يا پيسا وٺڻ عيوض خاموش ٿي وڃڻ سبب جاچ واري سڄي محنت تي پاڻي ڦري ويندو آهي.