لاهور (دردانه نجم وٽان) نيشنل ايڪشن پلان (نيپ) جي اچڻ کان وٺي، سِول سوسائٽيءَ پاران چئني صوبن جي حڪومتن کان اهو مطالبو ڪيو پئي ويو ته اسڪولن جي نصابي ڪتابن کي نئين سِري سان تيار ڪرايو وڃي، ڇو ته اهو تاثر زور وٺي چڪو آهي ته نصاب ۾ اهڙو مواد به شامل ٿيل آهي، جيڪو عورتن ۽ اقليتن بابت نفرت تي ٻڌل آهي.
لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي پروفيسر، طاهر ڪامران پاران نصاب جي قومي فلسفي بابت وضاحت بيان ڪندي چيو ويو ته پاڪستان جي تعليمي پاليسيءَ کي به ان ڳالهه جو ذميوار سمجهيو وڃي ٿو اها ان قومي تشريح کي هٿي وٺرائي ٿي جيڪا صرف مذهبي نظرئي جي پرچار جي حامي آهي.
نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي هن چيو ته اردو، اسلام ۽ هندو اسان جي ان قومي فلسفي جا 3 بنيادي جز آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسانجي رياست پاران اسلام جي تشريح نئين سِري سان ڪندي ان کي اولهه ۽ هندو مخالف جذبن سان تيار ڪيو ويو ۽ پاليسي جوڙيندڙن پاران ان نظرئي کي نصاب سان ڳنڍيو ويو آهي جنهن جو نتيجو اهو پيو نڪري ته اسان پنهنجي ٻارن آڏو حقيقتون ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيا آهيون.
عاطف ڪامران ٻڌايو ته اسڪولن ۾ پڙهايا ويندڙ ڪتاب غلط معلومات ڏئي رهيا آهن، مثال طور ته جماعت اسلاميءَ جو بنياد وجهندڙ مولانا مودودي قاعداعظم جو ساڄو هٿ سمجهيو ويندڙ ساٿي هيو. جڏهن ته سچ اهو آهي ته جماعت اسلاميءَ سميت سموريون مذهبي پارٽيون پاڪستان جي قائم ٿيڻ جون مخالف هيون.
ڪيترن سالن بعد، پاڪستان اندر اقليتن خلاف اڳرائيءَ وارو رجحان پيدا ٿيو جنهن بعد ۾ زور ورتو. هاڻي صورتحال اها آهي ته مسجد جو ڪو پيش امام جيڪڏهن ڪنهن به اقليت جي ماڻهن لاءِ مذهب جي توهين جو اعلان ڪري ٿو ته چند ماڻهن جو هجوم هڪ وڏي ميڙ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ماهرن پاران، مذهبي اختيارين جي ڳالهه جي انڌي پوئواريءَ جو ذمو ان رويي تي رکيو وڃي ٿو ته تعليمي نظام تي مناسب نظر نه ٿي رکي وڃي جنهن ڪري اختلافي خيالن جو حوصلو گهٽجي ٿو.
عاطف ڪامران اهو پڻ چيو ته ڪلاس روم اندر اسان پنهنجي ماضيءَ کي شاندار ڪري پيش ڪيون ٿا ۽ هر اهڙي ڳالهه جي مزاحمت ڪيون ٿا جيڪا اسان جي گھٽتائي متعلق هجي. ان عمل دوران اسان ٻارن کي اهو حق ڏيڻ کان انڪار ڪيون ٿا ته اهي پنهنجي سِر پاڻ جائزو وٺي سگهن ۽ تنقيدي سوچ اختيار ڪري سگھن.
ڪامران جو چوڻ هو ته جڏهن اسان پنهنجي سِر پاڻ جائزي وٺڻ واري عمل کي رد ڪيون ٿا ته پوءِ ان جي متبادل طور اسان سازشي نظرين کي هٿي وٺرايون ٿا. ان بنياد تحت ئي اسان پاڪستان سان ٿيندڙ هر غلط ورتاوَ جو ذمون هندن يا يهودين تي وجهڻ شروع ڪندا آهيون. تعليمي ماهرن جو خيال آهي ته نصابي ڪتابن ۾ ڏنل مواد، خاص ڪري سماجي اڀياس، انگريزي، اردو ۽ شهريت جي مضمونن جا پهرئين ڪلاس کان وٺي ٻارهين درجي تائين جا ڪتاب نظام ۽ قومي تشخص بابت ٻار جي قدرن کي قائم رکڻ ۾ مددگار هوندا آهن.
ٻن غيرسرڪاري تنظيمن جاڳ ۽ ايڪشن ايڊ لاءِ تحقيقي ڪم ڪندڙ عامر رياض پاران ڪيل اڀياس مطابق ته، پنجاب ۾ پڙهائجندڙ نصابي ڪتابن ۾ اهڙو مواد شامل ٿيل آهي جيڪو ان ڳالهه کي هٿي وٺرائي ٿو ته جنهن ۾ صرف مسلمان ئي حقيقي نسل آهن، غير مسلمانن پاران مسلمانن تي منفي دٻاءُ وڌل آهي، اسلامي عقيدي جا پوئلڳ ڪجهه فرقا حق جي راهه تان ڀٽڪي ويا آهن، جنگ ۽ طاقت جو استعمال جائز آهي ۽ هاري ۽ عورتون گھٽ حيثيت رکندڙ آهن شامل آهن.
عامر رياض پاران نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته سموري پاڪستان ۾ نصابي ڪتاب لساني، فرقيواراڻي ۽ شهري بنياد تي تعصب کي هٿي وٺرائين ٿا. هن پنهنجي راءِ ڏيندي وڌيڪ چيو ته ڳوٺ ۾ رهندڙن جي زندگيءَ کي بيان ڪرڻ جو جيڪو طريقو ۽ انداز اختيار ڪيو ويو آهي اهو ننڍي شهر کي گھٽ ڪري پيش ڪري ٿو ۽ ان خواهش کي همٿائي ٿو ته لڏپلاڻ ڪري وڏن شهرن ڏانهن هليو وڃجي.
هڪ ٻيو اڀياس، جيڪو پائيدار ترقيءَ بابت پاليسيءَ واري اداري ايس ڊي پي آءِ پاران ڪرايو ويو، ان مطابق اسلاميات ته لازمي مضمون طور تي پڙهائي ويندي آهي پر ٻين شعبن انگريزي ۽ سماجي اڀياس جا ڪتاب به اسلامي ڳالهين سان ڀريل آهن.
نصاب کي اسلامي رنگ ڏيڻ واري عمل جي شروعات 1970 واري ڏهاڪي ۾ فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت واري دور ۾ شروع ٿي، جنرل ضياءَ پاڪستان تي 11 سال حڪومت ڪئي. جنرل ضياءَ پاران 1979 ۾ قومي تعليمي پاليسي ۽ ان تي عمل جي پروگرام جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب سڀ کان گھڻي اهميت نصاب جي نئين سِر تياريءَ کي ڏني ويندي ان انداز سان ته، اسلامي عقيدن متعلق سمورو مواد ٻيهر تيار ڪيو ويندو ته جيئن تعليم اسلام جي نظرياتي فلسفي موجب ڏني وڃي، جنهن سان نئين نسل جي سوچ کي اسلامي قدرن مطابق بڻائي کين اها مدد فراهم ڪئي وڃي ته اهي سماج کي اسلامي قدرن موجب نئين ڍنگ مطابق بڻائي سگھن، شامل هو.
آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته اها پاليسي پاڪستان جي آئين جي شق نمبر 22 سان تضاد رکندڙ آهي. آئين جي شق نمبر 22 ۾ درج آهي ته، ڪو به اهڙو فرد جيڪو ڪنهن تعليمي اداري ۾ تعليم پرائيندو هجي ان مٿان اهو لازم نه آهي ته اهو ڪنهن به قسم جون مذهبي هدايتون وصول ڪرڻ جو پابند هوندو، يا ڪنهن مذهبي تقريب ۾ شرڪت جو پابند هوندو، يا مذهبي عبادت ۾ شرڪت جو پابند هوندو، جيڪڏهن اهڙي قسم جون هدايتون، تقريب يا عبادت سندس عقيدي واري مذهب کان مختلف هجن.
نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن پنجاب ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نوازش عليءَ سان لاهور جي گلبرگ واري علائقي ۾ واقع سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي وئي ته هن سڀ کان پهريان نيوز لينز پاڪستان جي ٽيم جو ڌيان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي تبديل ڪيل درجي بنديءَ ڏانهن ڇڪائيندي چيو ته هاڻي ان کي پنجاب ڪريڪيولم اينڊ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سڏيو ۽ پڙهيو ويندو. هن جو موقف هيو ته، اها تبديلي حڪومت جي ان ارادي جي ثابتي آهي ته حڪومت پاران نصابي ڪتابن جي مواد ۽ معيار جي هاڻي مڪمل مالڪي ڪئي ويندي.
نصاب تيار ڪرڻ متعلق پهريان الڳ شعبو ڪريڪيولم رسرچ اينڊ ڊويلپمينٽ ونگ قائم هيو، ان شعبي جي ذميواري هئي ته نصاب جي ايڊيٽنگ ڪري ۽ ان کي درست بنائي. جڏهن ته ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ذميواري هئي ته ان جي انتظام هيٺ ڪتابن جي ڇپائي، قيمتن جو تعين ڪرڻ ۽ مواد جي معيار کي برقرا رکڻ وارا ڪم به ٿيندا رهن.
نوازش عليءَ پاران ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ويو ته نصابي ڪتاب حقيقي غلطين سان ڀريل آهن. هن چيو ته ڪجهه ڪتابن ۾ شهر جي عورت جي وصف بيان ڪرڻ وقت توهين آميز زبان استعمال ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيپ تحت اسان کي جيڪي هدايتون ڏنيون ويون آهن انهن تي عمل ڪندي اسان پهرين کان ڇهين ڪلاس تائين جي شاگردن لاءِ نئون نصاب تيار ڪري رهيا آهيون.
اسان سمورن شراڪت دارن، عورتن، اقليتن، ٻارن، استادن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي چيو آهي ته هو نون ڪتابن جي مواد متعلق پنهنجا رايا اماڻي ڏين. اهڙي قسم جو گڏيل قدم مربوط قسم جو نصاب تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو جيڪو معاشري جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ فردن جي حقن ۽ وقار کي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو.
پنجاب ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ايم ڊيءَ چيو ته نئون نصاب جيستائين تيار ٿئي، تيستائين هڪ متبادل انتظام طور اسڪولن ۾ پڙهائڻ خاطر عارضي مواد تيار ڪرايو ويو آهي جيڪو مڊل کان وٺي سيڪنڊري اسڪولن جي شاگردن کي پڙهايو ويندو. ان نصاب جو مواد به ان ارادي کي سامهون رکي تيار ڪيو ويو آهي ته ان جي مدد سان ٻارن ۾ بين الصوبائي ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي وڌائي سگھجي.
سِول سوسائٽيءَ پاران ان مددگاري نصاب کي درست رستي ڏانهن پهرين قدم طور ڏٺو پيو. جڏهن ته عام خيال اهو پڻ آهي ته نصاب ۾ ڏنل مواد جو معيار ۽ ان ۾ جيڪي خيال پيش ڪيا ويا آهن اهي آسان فهم نه آهن.
مشهور ليکڪ، انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ ڪالم نگار وجاهت مسعود پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته کيس نئين نصاب ۾ دهشتگرديءَ کي رد ڪرڻ بابت ڳالهيون تبديل نظر ايندي نه ٿيون اچن.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن گھرو معاملن جو وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان، هڪ عام ڏوهاريءَ ۽ دهشتگرد ۾ فرق بيان نه ڪري سگھي. جڏهن هو لال مسجد جي ان خطيب مولانا عبدالعزيز خلاف قدم کڻڻ کان احتياط ڪندو هجي، جيڪو رياست جي رِٽ کي للڪاريندو هجي ته پوءِ اسان نصابي ڪتابن مان ڪهڙي معجزي ٿيڻ جي اميد ڪري سگھئون ٿا؟
وجاهت مسعود چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته حڪومت نصابي ڪتابن کي مذهبي تعصب کان پاڪ ڪرڻ وارو ڪم سنجيدگيءَ سان مڪمل ڪري سگھندي. حقيقي تبديلي صرف ان انداز سان اچي سگھي ٿي ته موجوده قومي نظرئي ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ دهشتگردن کي سندن عقيدي جي فرق کانسواءِ پڪڙ هيٺ آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نيپ کي صحيح طريقي سان لاڳو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان مولانا عزيز ۽ ڊاڪٽر عاصم سان ساڳي نوعيت جو ورتاءُ ڪيون.
نيوز لينز پاڪستان جي ٽيم سان ٿيل ملاقات جي آخر ۾ پنجاب ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ايم ڊي نوازش عليءَ پاران آخر ۾ پاليسي بيان ڏيندي واضح ڪيو ويو ته پنجاب صوبي جي نصابي ڪتابن ۾ اسلام ۽ نظريه پاڪستان بابت مواد اهميت سان شامل ڪيو ويندو.