پشاور (اظهار الله وٽان) نيشنل ايڪشن پلان (نيپ)جو مطلب آهي هڪ اهڙي حڪمت عملي جنهن وسيلي دهشتگرديءَ کي روڪي سگھجي، اهو پلان امڪاني طور تي ان ڪري تڪراري موضوع ٿي سگھي ٿو ڇو ته اهو ملڪ ۾ سول ۽ فوجي نوعيت جي فرق کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، پر سرحدي علائقن جي صحافين لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جو لفظ “پي” پلان کان علاوه ڪجهه ٻيو به ظاهر ڪري رهيو آهي، ان جو مطلب “خطرو” آهي. ڊسمبر 2014 ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي بعد نيشنل ايڪشن پلان جو آرٽيڪل 11 جيڪو سول حڪومت ۽ فوجي اختيارين پاران گڏيل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي، ان تحت اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي دهشتگردن ۽ دهشتگرد تنظيمن جي اهڙي موقف کي شايع يا نشر ڪرڻ تي پابندي هوندي، جنهن ڪري سندن حمايت ۾ اضافو ٿيندو هجي
صحافين لاءِ ان آرٽيڪل جو مطلب اهو آهي ته، ميڊيا کي اها اجازت نه هوندي ته اها دهشتگردن کي خبرن يا اسٽورين ۾ جڳهه ڏئي. نيپ جي لاڳو ٿيڻ کان هڪ سال بعد، تحريڪ طالبان پاڪستان سان جڙيل گروهن پاران هڪ اهڙي صحافيءَ کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي پنهنجي خبرن ۾ دهشتگردن جي موقف کي شامل نه ڪري رهيا هئا.
اردو اخبار ”اُمت“ ۽ نيوز ايجنسي ”ثنا“ جي نمائندي زمان محسود کي قتل ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪرڻ وقت طالبان ڪمانڊر قاري سيف الله سيف پاران پرڳڻي جي ٻين صحافين کي پڻ اها ڌمڪي واضح طور ڏني وئي ته ”اسانجو موقف نه وٺندڙ صحافين جي هِٽ لسٽ جوڙي وئي آهي، انهن کي ترت نشانو بڻائينداسين“.
قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ صحافين لاءِ، تحريڪ طالبان پاڪستان جي هڪ ڌڙي جميعت الاحرار جي ترجمان احسان الله احسان پاران انگريزيءَ ۾ اماڻيل اي ميل ۾ ڌمڪي ڏيندي وڌيڪ چيو ويو ته جيڪڏهن ميڊيا مجاهدن کي مناسب ڪوريج نه ڏيندي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جو ردعمل شديد هوندو، صحافي ان لاءِ تيار رهن. احسان الله احسان جي اي ميل متعلق اها ڳالهه هڪ نجي چينل جي رپورٽر پاران ٻڌائي وئي، سيڪيورٽي خدشن سبب هن پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ تي راضپو ڏيکارڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي آهي.
خيبر پختونخواه صوبي جي سرحدن واري پرڳڻي ۽ قبائلي علائقن جي 7 ايجنسين ۾ ڪم ڪندڙ صحافين مطابق نيشنل ايڪشن پلان سندن حياتين لاءِ نوان خطرا پيدا ڪيا آهن. انهن صحافين جن کي بندش پيل تنظيمن پاران ڌمڪيءَ واري اي ميل اماڻي وئي آهي انهن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته نيپ تحت دهشت ڦهلائيندڙ ڪارراوين متعلق خبرون ڏيڻ تي بندش هجڻ سبب اسان جي ڪم ڪرڻ ۾ نيون رڪاوٽو پيدا ٿي پيون آهن.
طالبان ڪمانڊر قاري سيف الله سيف پاران صحافين جي جيڪا هِٽ لسٽ جوڙي وئي آهي ان ۾ صحافي نصير اعظم محسود جو نالو به شامل آهي. نصير، پشتو ٻوليءَ جي چينل خيبر نيوز لاءِ ڪم ڪندو آهي، ڌمڪيون ملڻ بعد هو ٽانڪ شهر ڇڏي ويو آهي جتان هو رپورٽنگ ڪندو هيو.
ٽيليفون وسيلي نيوز لينز سان ڳالهائيندي نصير اعظم محسود چيو ته تحريڪ طالبان سان واڳيل گروه، جنهن جي اڳواڻي قاري سيف الله سيف عرف گِلمان محسود ڪري رهيو آهي، کيس ٽيليفون تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيو ويون. قاري سيف الله سيف ڌمڪي ڏيندي چيو ته ٽانڪ شهر ڇڏي وڃ يا وري اسانجو موقف نه هلائڻ ۽ حڪومت جو پاسو کڻڻ جي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهجان. اهڙي صورتحال بعد نصير اعظم اڻ ڄاتل هنڌ ڏانهن هليو ويو آهي ۽ هن پنهنجي موجودگيءَ واري هنڌ جو ڏس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته قبائلي علائقن ۾ صحافي ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪري ۽ زندگي گذاري رهيا آهن.
ان متعلق جڏهن حڪومتي اختيارين سان ڳالهايو وڃي ٿو ته انهن وٽان اهو موقف ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ته هنن صحافين کي ايئن ڪڏهن به ناهي چيو ته اهي ويڙهاڪن جو موقف پيش نه ڪن. وفاقي حڪومت جي اداري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پشاور جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالمجيد نيازيءَ جو چوڻ آهي ته جيستائين ويڙهاڪن جي ڪارراوين جي ڳالهه آهي ته ها اسان ميڊيا کي درخواست ڪئي هئي ته انهن کي ان انداز سان پيش نه ڪيو وڃي ته دهشتگرديءَ لاءِ حمايت پيدا ٿئي.
اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ وفاقي حڪومت جي ترجمان پرويز رشيد پاران موقف ڏيندي عبدالمجيد نيازيءَ پاران هن اسٽوريءَ لاءِ اهو موقف اِي ميل وسيلي اماڻيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ 134 ٻارڙا شهيد ٿيڻ بعد حڪومت پاران ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وئي ته اهڙن واقعن متعلق ويڙهاڪن جي موقف جو مقابلو ڪيو وڃي. ياد رهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان پاران قبول ڪئي وئي هئي.
ويڙهاڪن پاران پنهنجي ڪاررواين کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرائڻ واري رجحان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ان بعد سگھاري طريقي طور سامهون آيو. عبدالمجيد نيازيءَ وڌيڪ چيو ته ميڊيا وسيلي ويڙهاڪن جي ڳالهين جو اهڙي انداز سان پيش ٿيڻ ته انهن لاءِ حمايت پيدا ٿيندي هجي، اهو يقيني طور تي اسانجي قومي مفادن لاءِ هاڃيڪار هيو.
اهڙا قانون جيڪي ميڊيا کي رياست جي باغين جو موقف سگهارو ڪرڻ کان روڪيندا هجن اڳ ۾ ئي موجود آهن. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي قانون جي شق نمبر 7 ميڊيا کي پابند ڪري ٿي ته اهڙيون خبرون نشر نه ڪيو وينديون جيڪي قانونن ۽ ضابطن کي لاڳو رکڻ واري عمل سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ هجن يا عوامي سطح تي امن امان کي متاثر ڪندڙ هجن.
جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ضابطه اخلاق ۾ پڻ اها ڳالهه درج آهي ته اهڙو ڪو به مواد جيڪو تشدد کي ڀڙڪائيندڙ، تشهير ڏيندڙ يا مڃتا ڏيندڙ هجي اهو نشر نه ٿو ڪري سگھجي.
رضا رومي، جيڪو لاهور ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي هڪ حملي مان بچي ويو، ان جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ رياست نيپ وسيلي ويڙهاڪن جي موقف کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سامهون آئي آهي پر جڏهن ويڙهاڪن جي مختلف ڌڙن کي منهن ڏيڻ جو مرحلو اچي ٿو ته اها پاليسي پوءِ به حڪومت پاران نه پئي سنڀالي وڃي. رضا روميءَ وڌيڪ چيو ته ڪجهه ويڙهاڪ گروپن کي ميڊيا ۾ ڪوريج ملي ٿي جڏهن ته ٻاقي ٻين گروپن لاءِ سخت پابندي هجي ٿي، ان سان صحافي دوبدو ٿيندڙ مقابلي جي وچ ۾ ڦاسي پون ٿا.
رضا رومي، جيڪو پاليسي ٺاهڻ جو ماهر ۽ نيشنل انڊومينٽ فار ڊيموڪريسيءَ جو ڪارڪن آهي، جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته حڪومت انهن صحافين جيڪي بغاوت جي خاتمي واري عمل دوران حياتيون وڃائي ويٺا آهن انهن جي ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميشن جوڙي.
جڏهن صحافين جي تحفظ وارو معاملو ميڊيا سان لاڳاپيل اداري جي ڊي جي عبدالمجيد نيازيءَ سامهون اٿاريو ويو ته هن جو چوڻ هيو ته حڪومت صحافين کي محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ سنجيده آهي. هن مطابق، صحافين کي تحفظ ڏيڻ واري سلسلي ۾ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن انهن ۾ اهو پڻ شامل آهي ته ميڊيا هائوسز جي ارد گرد سيڪيورٽيءَ واري صورتحال جي ڪٿ ڪئي وڃي ۽ پوليس اهلڪارن کي سادن ڪپڙن ۾ مقرر ڪيو وڃي، اهي اهلڪار ميڊيا هائوسز جي مک دروازي وٽ مقرر نه هجن پر ان جي چوڌاري چوڪس رهن ۽ سندن تعداد شام جي پهر ۾ وڌيڪ هجي.
اقبال خٽڪ، جيڪو صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ گروپ، جرنلسٽس ودائوٽ بارڊرز جي نمائندگي ڪري ٿو، جو چوڻ آهي ته “ويڙهاڪن جو موقف هلائڻ بابت ميڊيا کي پابند بنائڻ واري حڪومت جي پاليسي صحافت جي اصولن پٽاندر انتهائي اڻ لاڳاپيل آهي. ٽيليفون وسيلي نيوز لينز سان ڳالهائيندي اقبال خٽڪ جو چوڻ هيو ته غيررياستي عنصرن لاءِ صحافي آسان حدف آهن ۽ ميڊيا ۾ انهن جو موقف هلائڻ تي بندش وجهڻ کي ڪنهن به صورت ۾ صحافين مٿان ٿيندڙ حملن جو اڪيلو سبب نه سمجهيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حملن ۾ مارجي ويال يا زخمي ٿيندڙ صحافين کي مناسب معاوضا ڏيڻ لاءِ هڪ پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.
اسلام آباد سان تعلق رکندڙ آئي ايم ايس جي مئنيجر عدنان رحمت جو چوڻ آهي ته ابتدائي سطح تي بنيادي نوعيت وارن حقن جهڙوڪ اظهار جي آزادي ۽ ان بعد ثانوي سطح تي نافذ ٿيندڙ ذميوارين جهڙوڪ نيشنل ايڪشن پلان وچ ۾ مناسب ڳانڍاپو هجڻ لازمي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيستائين انتهاپسندن جي موقف کي هٿي ڏيڻ واري عمل کي ميڊيا ۾ نظرانداز ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته اها ڳالهه توڙي جو سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي ته ان قسم جا عمل اگر عوامي سطح تي عوام کي متاثر ڪري رهيا آهن ته پوءِ صحافين ۽ ميڊيا کي ان ڪري ذميوار نه سمجهيو وڃي ته انهن جي رپورٽنگ جي ڪري ايئن ٿئي پيو.
هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا ۽ فاٽا ۾ صحافي تشدد ۽ ڌمڪين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته اهو انتهائي خطرناڪ ٿي وڃي ٿو جهڙيءَ ريت زمان محسود جي قتل واري واقعي مان محسوس ڪري سگھجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا حڪومت يا رياست جي نه پر عوامي مفادن جي نگهبان آهي سو انهن لاءِ سندن ڪم انتهائي خطرناڪ نه بڻايو وڃڻ گھرجي.
قبائلي علائقن جي صحافين جي تنظيم جي صدر صفدر داوڙ جو چوڻ آهي ته ان کان پهريان صحافين پاران جڏهن ويڙهه ۾ حصو وٺندڙ فوجي دستن جي اهلڪارن لاءِ ”شهيد“ ۽ ويڙهاڪن لاءِ لفظ ”مارجي“ ويو، لکيو ويندو هيو ته انهن لفظن کي بنياد بڻائي صحافين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي هئي.
اظهار جي آزاديءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خودمختار حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم پاڪستان پريس فائونڊيشن (پي پي ايف) مطابق، صحافين جي عالمي تنظيم انٽرنيشنل فيڊريشن فار جرنسلسٽس (آءِ ايف جي) جي آزاديءَ جون سرحدون؛ ڏکڻ ايشيا ۾ صحافتي آزادي واري عنوان سان جاري ٿيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صحافين لاءِ پاڪستان دنيا جو خطرناڪ ترين ملڪ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”2001 کان وٺي هن مهل تائين پاڪستان ۾ 71 صحافي قتل ٿي چڪا آهن“، جن مان 19 خيبرپختونخواه ۽ 9 فاٽا جي قبائلي علائقن ۾ ماريا ويا.