لاهور (رپورٽ: دردانه نجم) لاهور ۾ 9 ۽ 10 سالن جا سڳا ڀائر عرفان ۽ رضوان رات جو ٿالهيءَ ۾ کتائي (اهي بسڪوٽ پنجاب ۾ سياري دوران گهڻا استعمال ٿيندا آهن) کپائي رهيا هئا. اهي عام واپاري ناهن پر سلجهيل ۽ علائقائي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم پرائي رهيا آهن.
هنن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سندن اسڪول منجهند جو 12 وڳي شروع ٿيندو آهي ۽ هو گهرو ڪم صبح جو ڪندا آهن، جڏهن ته رات جو پنهنجي پيءُ سان گڏجي بسڪوٽ وڪرو ڪندا آهن. هنن ٻڌايو ته اهي غريب آهن ۽ سندن پيءُ اڪيلي سر سڄي خاندان کي پالي نٿو سهگي ڇاڪاڻ ته 4 ڀاتي کيس پالڻا پون ٿا. سندن ماءُ گهرن ۾ ڪم ڪندي آهي. رضوان چيو ته خاندان ۾ وڏي (10 سالن جو) هجڻ جي ناتي اسان کي به ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
ماڊل ٽائون پارڪ لاهور ۾ ڪهرورپڪا، ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ نياڻي آسيه بلال پڻ پنهنجي مالڪ جي 8 سالن جي ڌيءَ مهڪ سان ويٺل هئي. آسيه ٻڌايو ته سندس پيءُ رڪشا ڊرائيور هو ۽ هو 6 ڀاتي آهن. هن ٻڌايو ته سندس وڏي پرڻيل ڀيڻ کانسواءِ هو سڀ ڪم ڪري رهيا آهن، کيس جوبلي ٽائون لاهور جي هڪ گهر ۾ رڳو 2000 ماهوار تي گهر جي ڪمن ڪارين لاءِ ملازمت ڏني وئي.
هن ٻڌايو ته هو مالڪ جي ڌي مهڪ سان روزانو مدرسي ويندي آهي جڏهن ته لاهور اچڻ کان اڳ هوءَ ڳوٺ واري مدرسي ۾ ويندي هئي. مان ننڍي عمر ۾ اسڪول ويندي هيس پر بعد ۾ والدين مدرسي ۾ موڪلي ڇڏيو ۽ سندس وڏي ڀاءَ ۽ ڀيڻ کي به ڪم ۾ لڳائي کين اسڪول وڃڻ کان روڪيو ويو.
واضح رهي ته پنجاب ۾ هي غير موثر تعليمي نظام جا ڪجهه مثال آهن، جيتوڻيڪ پنجاب حڪومت سڀني کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر ماهرن جو خيال آهي ته جهڙي نموني حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ان مان نٿو لڳي ته گهربل نتيجا حاصل ٿي سگهندا.
پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (پي ٽي بي) جي ڪنسلٽنٽ، آزاد رسرچر ۽ ڪتاب ”واٽ وئي آر ٽيچنگ ٽو آور چلڊرين“ جي ليکڪ آمر رياض جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت جو ”پڙهو پنجاب، بڙهو پنجاب“ (جنهن موجب 2018 تائين هر ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻو آهي)، وارو منصوبو حقيقت جي برعڪس آهي.
جيتوڻيڪ پنجاب حڪومت تعليم لاءِ بجٽ وڌايو آهي ۽ استادن جي پگهارن ۾ به واڌارو ڪيو آهي پر ان باوجود اصل مسئلي تي ضابطو ناهي آيو ڇاڪاڻ ته جيستائين تعليم کي هنري تعليم سان نه جوڙيو ويندو تيستائين پنجين ڪلاس کانپوءِ ٻارن جي اسڪول ڇڏڻ واري عمل کي روڪي نٿو سگهجي، ڇو ته والدين ڪجهه نه ملڻ سبب پنجين ڪلاس بعد ٻارن جي تعليم روڪي ڇڏين ٿا، تنهنڪري بنيادي تعليم کي ڏهين کان گهٽائي ڇهين ڪلاس تائين ڪرڻو پوندو.
رياض جو چوڻ آهي ته عام تعليم کي اسڪل (هنر) تعليم سان جوڙڻ جي ضرورت آهي. پوسٽ اسڪول ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ ٽيوٽا ۽ پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽس وارو ماڊل ٻارن کي اسڪول آڻڻ ۽ والدين کي ٻارن جي گهربل عمر تائين انتظار ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته غربت ۽ الٽريسي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، جيڪي ٻارن جي جبري پورهئي کي وڌائين ٿا، جنهن کي پاڪستان اڃان تائين ختم ڪرڻ جي لائق ناهي ٿي سگهيو.
رياض چيو ته هتي ذڪر ڪيل ٻه ڀائر ٿي سگهي ٿو ته مئٽرڪ تائين تعليم جاري رکي نه سگهن ۽ آسيه بابت هن جو چوڻ هوته اهڙا کوڙ سارا ٻار پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ ٻارن جي پورهئي جي خاتمي لاءِ ڪا قانون سازي موجود ناهي. هن چيو ته سياسي نيت ۽ ڪيپيسٽي نه هجڻ سبب ٻارن جي پورهئي، غربت ۽ الٽريسي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.
يونائيٽيڊ نيشنس چلڊرينس فنڊ (يونيسيف) جي ”اسٽيٽ آف چلڊرين ان پاڪستان“ مئي 2015 واري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ٻارن جي پورهئي جي خاتمي ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. رپورٽ ۾ قانون ٺاهيندڙ ن جي لاپرواهيءَ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي جن کي ٻارن بابت عالمي معاهدي تحت ڪم ڪرڻو هيو. رپورٽ موجب ڪو به قانون نه هجڻ سبب ٻارن جي پورهئي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي مضمون ٿي چڪو آهي، جڏهن ته عالمي معاهدن جي توثيق ڪرڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي. ياد رهي ته سڀني حڪومتن تعليم جي بجيٽ وڌائي آهي پر بجيٽ وڌائڻ هڪڙي ڳالهه ۽ ان کي ان لاءِ خرچ ڪرڻ ٻي ڳالهه هجي ٿو. اڪثر ڪري تعليم واري بجيٽ روڊن ۽ پلڻ ٺاهڻ ۾ لڳائي ويندي آهي.
پنجاب ۾ 2014ـ2015 ع دوران اسڪولي تعليم لاءِ 48.38 بلين رکيا ويا پر صرف 28.062 بلين خرچ ڪيا ويا. جڏهن ته 2013ـ2014 دوران پنجاب حڪومت رکيل 41.70 بلين روپين مان 37.43 بلين روپيه خرچ ڪيا. ان حوالي سان جڏهن نيوز لينز پاڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر (اي ڊي او) تعليم لاهور پرويز اختر کان گهٽ خرچ ڪرڻ بابت پڇيو ويو ته وٽس ڪو به سڌو ۽ سولو جواب نه هو پر هن چيو ته حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته هر سال ملندڙ مڪمل بجيٽ استعمال ڪئي وڃي.
پنجاب جي فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2014 موجب صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته صوبي ۾ موجود 5 کان 16 سالن جي هر ٻار کي تعليم مهيا ڪري. هوڏانهن پاڪستان اسٽيٽسٽڪس رپورٽ 2014 موجب پنجاب ۾ 29 لک ٻار اڃان تائين اسڪولن کان ٻاهر آهن.