لاهور (دردانه نجم وٽان) مستقبل لاءِ بچايل پيسي کي سيڙپ واري مارڪيٽ ۾ لڳائڻ، عام پاڪستانيءَ لاءِ ڪڏهن به دلچسپيءَ جو سبب بڻجي ناهي سگھيو. ماهر اهڙيءَ خاصيت کي اسٽاڪ ايڪسچينج جي چوگرد موجود ان اسرار سان ڳنڍي ڇڏين ٿا جيڪو هرهڪ پاڪستانيءَ جي ذهن ۾ موجود آهي ته اهو ادارو ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪندو آهي.

ماڻهو عام طور تي اسٽاڪ مارڪيٽ کي هڪ اهڙي منجهيل ۽ هروقت ڇڪتاڻ سان ڀريل ماحول واري جڳهه تصور ڪندا رهندا آهن جتي ڪاروبار پڙهئي لکئي انداز سان ڪٿ ڪرڻ بجاءِ صرف ۽ صرف موقعي جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر هارون عسڪريءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته، اهڙي نوعيت واري غلط معلومات ۽ صحيح ڄاڻ جي فقدان هجڻ سبب ئي بچت واري سيڙپ جو صرف 50 سيڪڙو لڳائڻ خاطر سرمائيڪاريءَ واري مارڪيٽ تائين پهچي ٿو.

ساڳئي ڳالهه کي اسٽاڪ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پاران 2 جولاءِ تي جاري ڪيل ”ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊويلپمينٽ پلان (2016-18) واري رپورٽ ۾ به ورجايو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڳالهه ورجائيندي چيو ويو آهي ته ريزڪي سيڙپڪار بنهه گھٽ تعداد ۾ پنهنجو ناڻو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙائين ٿا.

منور ارشادِ نالي عورت لاهور ۾ ننڍي سطح تي ڪاروبار ڪندي آهي. هن پنهنجي سڄي زندگي تيستائين هڪ گھريلو عورت طور گذاري جيستائين هن جو مڙس بيماريءَ سبب بستري ڀيڙو نه ٿيو هيو ۽ ان بعد ئي هن پنهنجي گھر اندر بستري جون چادرون تيار ڪري وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار شروع ڪيو.

ابتدائي طور تي، هن جو سمورو ناڻو گھر خريدڻ ۽ زندگي گذارڻ جي نئين طريقي کي عمل هيٺ آڻڻ خاطر خرچ ٿي ويو. جڏهن پيسي بچائڻ جو وقت آيو ته هن پاڻ کي هڪ غيريقينيءَ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڏٺو. مذهبي پسمنظر هجڻ ڪري کيس اهو پختو يقين هيو ته ڪمرشل بئنڪن ۾ پيسو سيڙائڻ حرام آهي. هن لاءِ اطمينان جو آخري نقطو اهو هيو ته هوءَ اسلامي جي نالي تي قائم بئنڪن سان رجوع ڪري.

منور ارشاد ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هوءَ مطمئن هئي ته هن پنهنجا پيسا اسلامي بينڪ ۾ سيڙايا آهن، پر هو ان بئنڪ طرفان ملندڙ سهولتن ۽ منافعي جي شرح مان خوش نه هئي. ڪڏهن اها بئنڪ کيس 8 سيڪڙو جي شرح سان منافعو ڏيندي هئي، ڪڏهن ساڍا 7 سيڪڙو ۽ ڪڏهن وري 9 سيڪڙو جي حساب سان دائيگي ڪندي هئي. هن جڏهن به بئنڪ جي عملي کان پڇا ڪئي ته نفعي جي شرح ڇو هميشهه اڌ سيڪڙو مٿي ۽ اڌ سيڪڙو هيٺ ٿيندي رهي ٿي ان کان وڌي ڇو نه ٿي، ته ان جي جواب ۾ بئنڪ عملي مسڪرائيندي کيس چيو ته منافعي واري شرح طئي ڪرڻ جو اهو ئي اسلامي طريقو آهي ۽ ان طريقي موجب منافعي جي ڪا هڪ شرح مقرر ناهي ڪئي ويندي.

آخرڪار منور ارشاد پنهنجا پيسا انهيءَ بئنڪ کان واپس وٺي نيشنل ڊفينس سرٽيفڪيٽ ۾ سيڙايا. اتان ملندڙ منافعي جي شرح ۾ به هوءَ خوش نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته کيس مارڪيٽ جي ڪا گھڻي ڄاڻ ناهي ۽ کيس ته اها به خبر نه آهي ته اهڙي ٻي ڪهڙي جڳهه آهي جتي سٺي منافعي خاطر مان پنهنجا پيسا سيڙايان.
نيوز لينز پاڪستان، ملڪ جي هڪ وڏي مالياتي اداري جي چيف ايگزيڪيوٽو عارف حبيب سان رابطو ڪيو ته هن پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته، منور ارشاد کي جنهن تڪليف مان گذرڻو پيو آهي اها ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهي آهي ته هڪ عام پاڪستانيءَ کي پنهنجو ناڻو سيڙائڻ بابت فيصلو ڪرڻ وقت ڪهڙي قسم جي مشڪلاتن ۽ مونجهاررن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

عارف حبيب جو چوڻ هو ته اسانجي ماڻهن کي ڪيپيٽل مارڪيٽ متعلق مڪمل ڄاڻ ميسر نه ٿي ٿئي اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري اهي پنهنجو پيسو عام طور تي بئنڪن ۾ رکندا آهن ۽ اهي بئنڪون کين بنهه گھٽ منافعو ڏينديون آهن، ٻي صورت ۾ اهي پنهنجو پيسو زمين جي خريداريءَ جي سلسلي ۾ يا وري سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي خريدڻ ۾ سيڙائي ڇڏيندا آهن. سرمائيڪاريءَ واري مارڪيٽ ۾ عام سيڙپڪارن لاءِ سيڙپ ۽ منافعي حاصل ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن.

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپ جي موقعن بابت ميڊيا عام ماڻهن کي ڄاڻ ڏئي سگھي ٿي. ماڻهو عام طور تي خساري کان پري رهڻ چاهيندا آهن ۽ اهو خوف ته سيڙپڪاريءَ واري مارڪيٽ ۾ هميشهه گھاٽي پوڻ جا امڪان موجود رهندا آهن اهو به هڪ وڏو سبب آهي جنهن ڪري ماڻهو هن مارڪيٽ کان پري ڀڄن ٿا. اصل رخ بابت درست معلومات مهيا ڪري، اسان انهن مفروضن کي ختم ڪري سيڙپڪاريءَ جي نون موقعن کي هٿي وٺرائي سگھئون ٿا.

ملڪ جي مجموعي گھريلو پيداوار جي تناسب جي حساب پاڪستان ۾ سرمائي جي بچت جو گھٽ ۾ گھٽ سراسري شرح 13.92 سيڪڙو آهي ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۾ اها شرح 31.9، بنگلاديش ۾ 29.7 ۽ سري لنڪا ۾ ساڳيو رجحان 24.5 سيڪڙو آهي.

سينٽرل پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ اڪنامڪس جي پروفيسر قيس اسلم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽ جو سيڙپ ڪاريءَ وارو بنياد انتهائي محدود آهي. پروفيسر قيس اسلم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، قومي بچت جو صرف 50 سيڪڙو مالياتي شعبي ۾ سيڙايو وڃي ٿو باقي ناڻو سيڙپڪاريءَ جي ٻين طريقن ڏانهن پنهنجا رستا پاڻ ٺاهي وٺي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته سيڙپڪاريءَ جي موقعن متعلق جڏهن ماڻهن کي ترغيب ئي نه ڏني ويندي ۽ جڏهن حڪومت پاران ڪي فائدا نه ڏنا ويندا ته پوءِ ننڍي سيڙپڪاريءَ کي غير رسمي سيڙپ وارو شعبو پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو. اهڙي قسم جي سيڙپ ۾ هڪ ڪشش اها به هوندي آهي ته گھٽ کان گھٽ قانوني رڪاوٽون هونديون آهن ۽ اهڙي سيڙپ ڪرڻ جي ڪنهن کي خبر به ناهي پوندي. اهو ئي سبب آهي ته اسانجي غير رسمي معيشت جو سڄي ملڪ جي معيشت ۾ حصو 70 سيڪڙو آهي.

پروفيسر قيس اسلم تبصرو ڪندي چيو ته، اهڙي قسم جي غيردستاويزي معيشت ۾ توڙي جو ماڻهن کي تمام وڏي انگ ۾ ملازمت جا موقعا ميسر ٿين ٿا پر ٽيڪسن جي ادائيگيءَ کان آجو هجڻ جي ڪري اهو شعبو ملڪ جي معيشت جي مجموعي ترقيءَ ۾ ڪو ڪردار ادا نه پيو ڪري.

مجموعي معيشت جي تناظر ۾ ملڪ جي اندروني سرمائي جي گھٽ اثر واري بچت متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ ماهرن اتفاق راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، جڏهن به سرمائي جي بچت ملڪي سطح تي گھٽبي آهي ته ملڪ پرڏيهي سيڙپڪارن طرف واجهائڻ لڳندا آهن ان جي ڪري ئي بجيٽ تحت ترقياتي رٿائن لاءِ مالي وسيلا مختص ڪرڻ واري عمل تي دٻاءُ پوندو آهي. پاڪستان پنهنجي بجيٽ جا 60 سيڪڙو وسيلا قرض لاهڻ خاطر ادا ڪندو آهي.

پروفيسر قيم اسلم جو چوڻ هو ته، ملڪ اندر سرمائي جي بچت گھٽ ٿيڻ جو هڪ سڌو مطلب اهو به آهي ته پاڪستان ۾ آمدنيءَ جي شرح پڻ گھٽ آهي. پاڪستان جي هڪ ماڻهو تي آمدني 1152.14 ڊالر آهي. ڪنهن به معيار مطابق اها انتهائي گھٽ آمدني آهي ۽ پاڪستان ۾ اندروني طور تي بچت گھڻي گھٽ ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب پڻ آهي.

هڪ تجرباتي مشاهدي مطابق، في ماڻهو آمدنيءَ ۽ هڪ ڪٽنب پاران ڪئي ويندڙ بچت جو پاڻ ۾ ويجهو ۽ متحرڪ لاڳاپو هوندو آهي. جيڪڏهن في ڪس آباديءَ ۾ اضافو ٿيندو ته انهيءَ حساب سان ئي هڪ ڪٽنب جي بچت واري شرح ۾ به پاڻمرادو اضافو ٿي ويندو.

شڪيل نالي هڪ شخص ڪپڙي جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو آهي. اجرت يا پگھار متعلق حڪومت جي پاليسيءَ مطابق هن کي ماهوار 13 هزار روپيا پگھار جي مد ۾ ملڻ گھرجن. جيئن ته هو پنهنجي 4 ٻارن ۽ والدين جي ڪفالت ڪندو آهي ان ڪري ئي، جيتوڻيڪ اهي پيسا به هن جي ضرورتن جي پورائي خاطر معقول نه آهن پر حقيقت اها آهي ته هن کي ماهوار اجرت 9 هزار روپيا ڏني ويندي آهي. شڪيل ٻڌايو ته هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اهڙي نوڪري هٿ ڪري جنهن جي پگھار 13 هزار روپيا هجي پر ڪو به ايتري پگھار ڏيڻ تي راضي نه ٿو ٿئي، جيتري قدر هن فيڪٽريءَ جي ڳالهه آهي ته اهي ته کيس بس 9 هزار ئي ڏيندا آهن.

نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن محمد شڪيل کان اهو پڇيو ويو ته هو پنهنجي ڪمپنيءَ جي اهڙي فعل جي دانهن حڪومت جي ليبر کاتي کي ڇو نه ٿو ڏئي؟ ته هن حيرت ۾ ڀرجي ويل اکين سان اهڙي طرح اسان ڏانهن نهاريو ڄڻ ته اسان کانئس غير واجبي سوال پڇندا هجئون.

محمد شڪيل ان سوال جي جواب ۾ چيو ته هو غريب ماڻهو آهي. هو سڄو ڏينهن پنهنجي خاندان خاطر محنت مزدوري ڪندي گذاريندو آهي. کيس خبر آهي ته جيڪڏهن هن پنهنجي فيڪٽريءَ جي مالڪ خلاف ڪڏهن به ڪا شڪايت ليبر کاتي کي ڏني ته پوءِ اهي امڪان وڌي ويندا ته سندس نوڪري به ويندي ۽ چال چلن خراب هجڻ جو الزام لڳڻ سبب کيس مستقبل ۾ ٻئي هنڌ به ڪٿي نوڪري نه ملندي.

محمد شڪيل پيسن جي بچت نه ٿو ڪري سگھي ڇو ته هو ايترو به نه ٿو ڪمائي سگھي جنهن سان هو پنهنجي گھرڀاتين جي ضرورتن کي پورو ڪري سگھي جڏهن ته منور ارشاد جهڙين عورتن کي وري پنهنجو ناڻو فائديمند جڳهه تي سيڙائڻ ۾ گھڻي مشڪل پيش اچي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here